اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) حڪ??مت پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب گذريل 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي فيصلي موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي باوجود ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جون موجوده قيمتون برقرار رهنديون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جون موجوده قيمتون برقرار رکڻ جي لاءِ حڪ??مت 16 مارچ کان 31 مارچ تائين وڌيڪ 30 ار?? رپين جو بار برداشت ڪندي. هن وقت في ليٽر پيٽرول جي قيمت 149.86 رپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 144.15 رپيا، لائيٽ ڊيزل آئل 118.31 رپيا ۽ گاسليٽ جي قيمت 125.56 رپ??ا في ليٽر آهي.