اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت مريءَ ۾ فوت ٿيندڙ ??سلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ نويد اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت جي اظهار لاءِ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران بيان موجب صدر ??اڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نويد اقبال، سندس خاندان سميت معصوم ٻارن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي سخت صدمو پهتو. صدر ??يو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين ۽ انهن جي پونئيرن س??ن گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. صدر ??اڪٽر عارف علوي گهرڀاتين س??ن همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر ??مي?? جي دعا ڪئي.