اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو آهي ته اڄ پوري قوم اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪري رهي آهي، ان سانحي پوري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ايس پي ايس سانحي جي شهيدن جي ستين ورسي ??ي پنهنجي پيغام ۾ فرخ ??بي?? چيو ته حڪومت سميت پوري قوم ايس پي ايس شهيدن جي پوئينرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اي پي ا??س جي معصوم هيروز جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏنيون. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز تي ف??ر آهي، جنهن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري امن قائم ڪيو آهي.