اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مل?? ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آ??ن، 75 سيڪڙو آبادي ??ي آمدني ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀني کان گهٽ آ??ن، يا ته ٽن سالن ۾ تيل جا کوهه نڪري اچن ها ٻي صورت ۾ ظاهر آهي ته جڏهن تيل ٻاهران خريد ڪرڻو آهي ته قيمتون وڌنديون، اهو ئي اصول باقي آمدني واپار ل??ءِ آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اصل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي ??ي آمدني ۾ به خاطر خواه اضافو ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي خريداري جي قوت هندستان کان بهتر آهي، پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون پنهنجي ج??ءِ تي پر 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي 11 سئو ارب روپيا اضافي آمدني ٿي، هن چيو ته تعميرات ۽ انڊسٽريز سان لاڳاپيل ڪروڙين ماڻهن ??ي آمدني ۾ به اضافو ٿ??و. ??ستري ۽ مزدور جي ڏيهاڙي ٽيڻ تي وڌي.