اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم ٽائٽ گئس جي پا??يسي کي سيپٽمبر جي آخر تائين حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ملڪ ۾ گئس جي ذخيرن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ??ئي. اجلاس ۾ وفاقي وز??ر شوڪت فياض ترين، حماد اظهر، اسد عمر، خاص مددگار تابش گوهر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٽائٽ گئس جي موجوده وسيلن جي صلاحيت تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٽائٽ گئس جي وسيع ذخيرن جي موجودگي جو امڪان آهي، جنهن سان درآمد ٿيل مهانگي ايل اين جي تي مڪلي ضرور??ن جو دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وز??راعظم سيپٽمبر جي آخر تائين ٽائٽ گئس جي پا??يسي تي نظرثاني ڪري حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت جاري ڪئي.