اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي نيشنل ڊيجيٽل انفارميشن پليٽ فارم ”اين ڊي آئي پي“ منصوبي تحت قو??ي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ان حوالي سان هڪ پروقار تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي قو??ي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي تحت پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪستان، پيمرا، پي آئي ڊي، ڊيجيٽل ??يڊيا ونگ ۽ ميڊيا يونيورسٽي جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ قو??ي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، وزيراعظم جو احتساب ۽ گهرو معاملن بابت خاص معاون شهزاد اڪبر ۽ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا.