لاهور – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ مديني جي رياست وانگر قانون جي بالادستي، ميرٽ ۽ انسانيت جي ڀلائي تي ٻڌل رياست جو تصور کڻي اچي رهيا آهيون، خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان آهي، ملڪ ۾ تعميرات جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا موقعا، غربت جو خاتمو ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، بئنڪن پاران گهرن جي لاءِ مورگيج جي سهولت جي فراهمي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ عدليه سميت سمورن ادارن جي تعاون جو ٿورائتو آهيان، ايڪهين صدي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻو پوندو. هو نئون پاڪستان اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وا??ي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان ان ??وقعي تي حڪومت پنجاب، وڏي وزير، وزيرن ۽ مختلف ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ت?? توهان سڀني جي سامهون آئون پنهنجي خوشي جوا ظهار ڪرڻ چاهيان ??و، اسان اڄ جنهن مقام تي پهتا آهيون ان ??اءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي، ”فور ڪلوزر“ قانون منظوري ۾ ٻه سال لڳا، ان جي لاءِ عدليه جو ٿورو ادا ڪريان ??و، جيڪڏهن هو مدد نه ڪري ها ته قانون منظور نه ٿئي ها، ڪيترن ئي سالن کا?? اهو قانون التوا ۾ هو، ان ??انون جي منظوري کا??پوءِ بئنڪ هاڻي مورگيج جي سهولت ڏئي رهيو آهيون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪل آبادي جي 0.2 سيڪڙو جي شرح سان ??ورگيج جي سهولت ڏني پئي وئي جڏهن ته اولهه، آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ اها شرح 80 سيڪڙو کان ??ڌيڪ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ روڪ رقم نه آهي ته هو نه پنهنج?? گهر خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي گهر ٺاهي سگهي ٿو، دنيا ۾ ان جي لاءِ بئنڪون قرض فراهم ڪنديون آهن جيڪو پئسو مسواڙ جي مد ۾ ويندو آهي اه?? گهر جي قسطن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اه?? گهر ان ??اڻهو جي ملڪيت بڻجي ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته ان سان ??ر ماڻهو وٽ هڪ موقعو ميسر آيو آهي ته هو قسطون ڏئي پنهنج?? گهر حاصل ڪري سگهي، ان ??نصوبي کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ ايل ڊي اي، بئنڪن سيڪٽر، عدليه سميت سمورن ادارن ڀرپور تعاون ڪيو.